اسلام آبا?? – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم جو پا??اما لي??س سان ڪو به تعلق نه آهي، ??زيراعظم ۽ شريف خاندان سدائين عدليه ۽ عدليه جي فيصلن جو احترام ڪيو آهي، ??زيراعظم محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف پا??اما لي??س ۾ نالو نه هجڻ جي باوجود جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيا. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن پا??اما لي??س آئي ته وزيراعظم محمد نواز شريف سپريم ڪورٽ کي خط لکيو ته پا??اما لي??س تي ڪميشن يا جي آءِ ٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم محمد نواز شريف جيڪو ٽيون ڀيرو عوام جي مينڊيٽ وٺي وزيراعظم بڻيو آهي اهو شروع ڏينهن کان ئي هي چاهي ٿو ته پا??اما لي??س جو جلد آئيني طريقي سان حل نڪري. هن چيو ته اسان جا مخالف جيڪي پهرين ڌرڻا، احتجاج، ڪوڙا الزام ۽ ڪوڙ جو سهارو وٺي سياست ڪري رهيا هئا پا??اما لي??س کي سياسي حربي طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
وزيراعظم جو پاناما ليڪس سان ڪو به تعلق نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن