اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي وا??ي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بدعنوا??ي کان پاڪ ۽ شفاف ۽ آزاداڻيون چونڊون ڪرائڻ اليڪ??ن ڪميشن جو ڪم آهي، اليڪ??ن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن ۾ ٿيل هارس ٽريڊنگ جي جاچ ڪري ۽ ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪندڙن کي سزا ڏي، سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪو تماشو لڳو اهو سڄي قوم ڏٺو آهي، عام چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام انهن کي رد ڪري. سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ جي حوالي سان اليڪ??ن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ان حوالي سان جاچ ڪرڻ اليڪ??ن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 جي ذيلي شق 3 اليڪ??ن ڪميشن کي اهو به اختيار ڏي ٿي ته هو بدعنوا??ي کان پاڪ شفاف ۽ آزاداڻي چونڊن کي يقيني بڻائي.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار