والاريل بيت المقدس -10 جو??اءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي عملي ۽ ڊونرز ملڪن جي نمائندن اسرائيلي حملي سبب تباهه ٿيل جنين پ??اهگير ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ هتي اسرائيل جي ٻن ڏهاڙن جي فوجي ڪارروائي سبب تباهي جي خوفناڪ منظرن ۽ نقصانن جو مشاهدو ڪيو. هن فوجي ڪارروائي ۾ 4 ٻارن سميت گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا شهيد، 140 زخمي ٿيا. جڏهن ته تقريبن 900 گهرن کي نقصان پ??تو آهي. فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي يو اين آر ڊبليو اي جي ڊپٽي ڪمشنر جنرل ليني اسٽينسٿ چيو آهي ته دوري جو مقصد جنين مهاجر ڪيمپ تي اسرائيلي حملي جي متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هو ۽ کين اهو يقين ڏيارڻ هو ته هن مشڪل وقت ۾ اسان ساڻن گڏ آهيون. وفد ۾ ايجنسي جي اولهندي ڪناري جي فيلڊ آفيس جي ڊائريڪٽر ايڊم بولوڪوس ۽ گڏيل قومن جي رهائشي ۽ انساني همدردي جي ڪو آرڊينيٽر لن هيسٽنگز ۽ عالمي ڊونر ڪميونٽي جا ڪيترائي سينئر نمائنده پڻ شامل هئا. ليني اسٽينسٿ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته جنين ۾ خوفناڪ ت??اهي ڏٺي ڪجهه گهر مڪمل طور سڙي ويا هئا. تارون ڀتين سان ٽڪرايون ويون هيون ۽ گاڏين کي به نقصان پ??تو ايستائين جو ان اداري طرفان قائم ڪيل هيلٿ سينٽر به تباهه ٿي ويو. هن ٻڌايو ته جنين پ??اهگير ڪيمپ جا رهواسي اسرائيلي حملي کان بيحد خ??فزده آهن. جنين پ??اهگير ڪيمپ ۾ تقريبن 24 هزار ماڻهو رهائش پذير آهن. هتي قائم يو اين آر ڊبليو اي جو هيلٿ سينٽر ايستائين تباهه ٿي ويو جو ان کي وڌيڪ استعمال جي قابل نٿو بڻائي سگهجي.
اسرائيل جي حملي کان پوءِ جنين ۾ تباهي جا خوفناڪ منظر ڏٺا: گڏيل قومن جي عورت عهديدار جي جنين دوري جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی