گڏيل قومون-07 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل انتونيوگوتريش غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اعلان لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان عالمي اداري جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان رابطو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن سلامتي ڪائونسل کي لکيل خط ۾ پارٽر جي باب XV جي آرٽيڪل 99 تي زور ڀريو. آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جو سربراهه ڪنهن به معاملي تي سلامتي ڪائونسل جو ڌيان ڏياري سگهي ٿو جنهن سان ان جي راءِ ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو ??احق ٿي سگهي ٿو. اهو خط اربع جي صبح نيويارڪ ۾ سلامتي ڪائونسل جي صدر ڏانهن موڪليو ويو، خط سان گڏ صحافين کي ڏنل هڪ بيان ۾ گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ چيو ته 2017ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن گڏيل قومن جي سربراهه چارٽر 99 تي عمل جي اپيل ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي، سيڪر??ٽر?? جنرل جي ترجمان وضاحت ڪئي ته گڏيل قومن جي سربراهه غزه ۽ اسرائيل ۾ ايتري ٿور?? وقت ۾ انساني جانين جي نقصان تي انتهائي حد کي ڏسندي اهو قدم کڻي رهيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل سلامتي ڪائونسل جي صدر کي لکيل پنهنجي خط ۾ چيو ته اسرائيل ۽ فلسطيبن تڪرار سان مجموعي طور تي 8 هفتن کان وڌيڪ جنگ اسرائيل ۽ والاريل فلسطيني علائقي ۾ خوفناڪ انساني تباهي، مصيبتون ۽ اجتماي صدمي کي جنم ڏنو آهي، هن يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته غزه ۾ شهرين کي شديد خطرا درپيش آهن، جتي مبينه طور تي 15 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا جن ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار شامل آهن.غزه ۾ تقريبن 80 سيڪڙو ماڻهو بي گهر آهن، 11 لک کان وڌيڪ شهري گڏيل قومن جي پناهگير ايجنسي (??و اين آر ڊبل??و اي) جي پناهگاهن ۾ پناهه جا گهرجائو آهن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اپيل
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada