رياض- 31 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجاهر الصباح قصر عرقه ۾ ملاقات ڪئي. بعد ۾ ڪويت جي امير ولي عهد ۽ وز??ر اعظم شهزاده محمد بن سلمان سان به ملاقات ڪئي ۽ باضابطه ڳالهيون ڪيون. سعودي پريس ايجنسي مطابق شاهه سلمان ڪويت جي امير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻڻ پنهنجن پنهنجن ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن ناتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڪابينا ميمبر شهزاده ترڪي بن محمد بن فهد بن عبدالعزيز به موجود هو. ان کان علاوه سعودي ولي عهد شاهه سلمان عبدالعز??ز ڪويت جي امير کي ڪنگ عبدالعزيز ميڊل پڻ پيش ڪيو. ياد رهي ته ڪويت جو امير پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهتل آهي.
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر