واشنگٽن _ 13 مئي (اي پ?? پي ) آمريڪي سينيٽر لنزي گراهم چيو آهي ته جهڙي طرح ٻين جنگ عظيم دوران جاپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي ايٽم بم ڪيرائڻ جي فيصلي ۾ عام شهرين جي فوتگين کي نظر انداز ڪرڻ جي آمريڪي قدم جو جواز تسليم ڪيو ويو آهي اهڙي طرح اسرائي?? کي به غزه ۾ پنهنجي وجود جي جنگ کي کٽڻ لاءِ جيڪو ڪجهه هو ڪري سگهي ٿو ??ن کي ڪرڻ گهرجي . اين بي سي کي انٽرويو دوران سينيٽر لنزي گراهم آمريڪي صدر جوبائيڊن طرفان اسرائي?? کي ڪجهه هٿيارن جي فراهمي روڪڻ جي فيصلي جي مخالفت ڪندي چيو ته غزه ۾ عام شهرين جي مارجي وڃڻ جا ذميوار پاڻ فلسطيني آهن . هن اسرائيل تي زور ڏن?? ته هو فيصلي جوڳي فتح حاصل ڪرن تائين ويڙهه جاري رکي . چاهي ??ن کي ان لاءِ ڪا به قيمت ڇو ته ادا ڪرڻي پئي .
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ