مڪو شريف-14 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن وا??ي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين وفد سان گڏ سعودي هم منصب ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه سان ملاقات ڪئي جيڪا سعودي حج ۽ ع??ري وا??ي وزارت جي منيٰ ڪيمپ آفيس ۾ ٿي، پاڪستاني وفد ۾ مذهبي معاملن وارو سيڪريٽري ذوالفقار حيدر، حافظ طاهر اشرفي، ڊي جي حج عبدالوهاب سومرو ۽ مڪي شريف بابت ڊائريڪٽر فهيم خان آفريدي شامل هئا. چوڌري سالڪ حسين چي?? ته پاڪستاني حاجين جي سهولت لاءِ سعودي حج وا??ي وزير جو خصوصي ڌيان خوشي جوڳو آهي، سعودي حڪومت حج انتظامن ۾ هر سال جدت ۽ نيون سهولتون متعارف ڪرائي رهي آهي. سرڪاري ۽ نجي حج پانڌئيڙن لاءِ سعود?? اداري طرفان بهترين سهولتن تي اطمينان آهي. سعودي حج ۽ ع??ري وا??ي وزير چي?? ته منيٰ عرفان ۾ پاڪستان حج مشن جي سمورن ضرورتن جو خيال رکيو ويندو ۽ کين هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو. مشاعره مقدسه ۾ بهتر سهولتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ نجي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون. مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ذوالفقار حيدر چي?? ته ايندڙ سال سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيم لاءِ ون ونڊو ذريعي رابطا قائم ڪنداسين.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي وفد سميت سعودي هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena