نيويارڪ – 4 نومبر (اي پي پي )آمريڪا ۾ 7 ڪروڙ 80 لک ووٽرن 5 نومبر تي ٿيندڙ چونڊن کا?? اڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. آمريڪا جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽي ط??فا?? جاري ڪيل رپورٽ مطابق 4 ڪروڙ 26 لک کا?? وڌيڪ ووٽرن پولنگ اسٽيشنن تي وڃي اٽڪل 3 ڪروڙ 53 لک ووٽرن ٽپ??ل ذريعي ووٽ وڌو. آمريڪا ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل انگ اٽڪل 16 ڪروڙ 80 لک آهي. وقت کا?? اڳ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي حوالي سان سڀ کا?? وڌيڪ ٽرن آئوٽ ٽيڪساس رياست ۾ 8.9 ملين رڪارڊ ڪيو ويو. فلوريڊا رياست ۾ (8.1 ملين )، ڪيليفورنيا رياست ۾ (7.6 ملين )، اتر ڪيرولينا ۾ (4.4 ملين ) ۽ جارجيا ۾ (4 ملين ) ووٽن جو ٽرن آئوٽ رهيو. واضح رهي ته آمريڪا ۾ 5 نومبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽي ط??فا?? ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ ط??فا?? ڪملا هيرس آمري??ي سربراهه جي عهدي لاءِ آمهون سامهون آهن.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب