اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ۽ پرويز خٽڪ صاحب پنهنجي نااهلي جي ذ??يواري وفاق تي نه وجهن، پنهنجي ناڪامين جو ملبو ٻين تي وجهي توهان عوامي احتساب کان بچي نه ٿا سگهو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پوري قوم ڄاڻي چڪي آهي ته تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي. هن چيو ته عمران خان جيتري مرضي پوي ڪوڙ ڳالهائي وٺي پاڪستان جي عوام سندس اصليت ڄاڻي چڪي آهي، توه??ن چئن سالن ۾ ڪنٽينر جي رنگ روغن، پتلي تماشو، ڪ??ڙ ڳالهائڻ ۽ ادارن جي توهين ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ