اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت چيو آهي ته 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کو??ڻ جي حوالي سان تجويزن غور هيٺ آهن تنهن هوندي به ان حوالي سان حتمي فيصلو 7 سيپٽمبر تي بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن ??ي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو، ڪورونا وبا کان حالتون بهتر ٿيڻ جي صورت ۾ تعليمي ادارا پراڻي شيڊول تي اچي ويندا، اسڪول کولڻ کانپوءِ ٽيچر ۽ هيڊ ٽيچر جو ڪردار اهم هوندو، لرننگ بهتر ڪرڻ جي لاءِ اس??ن وٽ بهتر تجويزون اچي رهيون آهن، ڪووڊ – 19 جي صورتحال پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي، اها بيماري اڃان ختم ناهي ٿي پاڪستان سم??ت سڄي دنيا ۾ اڃان به ??وج??د آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، ڪلاسز جي سائز کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي، گهٽ قوت مدافعت وارن ٻارن کي پهرين مرحلي ۾ اسڪول نه موڪليو وڃي، سماجي فاصلي، ماسڪ جو اس??عمال ۽ باقاعدگي سان هٿ ڌوتا وڃن، تعليمي ادارا کولڻ سان والدين ۽ اس??ادن جي ذميداري وڌيڪ وڌي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهارن ??عليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان اين سي او سي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
اسڪول کولڻ کانپوءِ ٽيچر ۽ هيڊ ٽيچر جو ڪردار اهم هوندو: وفاقي حڪومت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ