گڏيل قومون-20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪري??ري جنرل انتونيوگوتريس نگورنو ڪاراباخ ۾ فوتگين جي اطلاع تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پُرتشدد ڪارروايون فوري طور تي بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. سيڪري??ري جنرل جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪري??ري جنرل کي خطي ۾ فوجي طاقت جي استعمال ۽ شهري آبا??ي سميت فوتگين جي رپورٽن تي انتهائي ڳڻتي آهي، سيڪري??ري جنرل ويڙ??ه جي فوري خاتمي، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ 2020ع جي جنگ بندي جي معاهدي جي سختي سان پابندي جو مطالبو ڪريون ٿا. هن امدادي ادارن جي متاثر ماڻهن تائين فوري رسائي جو مطالبو به ڪيو ۽ چيو ته ڌريون اعتماد سازي ۽ خطي ۾ ڊگهي مدي واري امن جي قيام ۾ مدد لاءِ ڪوششون تي ٻيهر ڌيان ڏين. روسي ميڊيا جي ذريعن موجب روس ٻنهي ڌرين تي زور ڀريو آهي ته هو رتوڇاڻ بند ڪري سياسي ۽ سفارتي حل جو رستو اختيار ڪن. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن آذربائيجان طرفان نگورنو ڪاراباخ جي آرمينيائي آبادي واري صوبي خلاف جاري ق??من کي فوري روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ يورپي يونين ۽ آمريڪا انهن قدمن جي مذمت ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران نگورنو ڪاراباخ ۾ فوتگين جي اطلاع تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا