مڪه المڪرمه-18 جون (اي پي پي) سعودي اختيارين چيو آ??ي، ته هلندڙ سال حج جي سيزن دوران حاجين ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا انفيڪشن واري بيماري رڪارڊ نه ڪئي وئي. هڪ بيان ۾ سعودي صحت واري ??زا??ت جي اختيارين جو چوڻ هو ته حج موسم دوران طبي عملي مڪمل طبي ??گهداشت فراهم ڪرڻ واريون پنهنجون سموريون امڪاني ڪوششون جاري رکيون. نائب وزير ڊاڪٽر هاني جوخدار چيو آ??ي ته حاجي سڳورن ۾ اڃا ت??ئي?? ڪنهن به قسم جي انفيڪشن واري بيماري رڪارڊ ناهي ڪئي وئي. سعودي صحت واري ??زا??ت واضح ڪيو آ??ي ته هو طبي ۽ انتظامي عملي، صحت جي سهولتن، مڪي پاڪ، مديني شريف ۽ مقدس هنڌن تي قائم ڪيل مرڪزن ذريعي حاجي سڳورن کي اعليٰ صحت جي سار سنڀال فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. پهرين ذي القعد کان 8 ذي الحج ت??ئي?? اٽڪل 93000 حاجي سڳورن صحت مرڪز طرفان فراهم ڪيل مختلف صحت جي خدمتن مان فائدو کنيو. صحت واري ??زا??ت وضاحت ڪئي ته طبي عملي کي فراهم ڪيل صحت جي خدمتن ۾ طبي ۽ خاص ڪلينڪون، فارميسيون، ڊ??ئي??سز سينٽرز، انتهائي نگهداشت جي ڪمرن ۽ آئسوليشن يونٽس تي ٻڌل آهن. هلندڙ حج سيزن ۾ هن وقت ت??ئي?? 19 اوپن هارٽ سرجريز، 218 ڪارڊيڪ ڪيٿيٽرائيزيشنز ۽ 676 ڊ??ئي??اسز پراسس ڪيا ويا.
هلندڙ سال حج دوران حاجي سڳورا انفيڪشن وارين بيمارين کان محفوظ رهيا: سعودي صحت واري وزارت
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena