اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ڪنوينشن سينٽر ۾ عيد ميلادالنبي صه جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ علامه اقبال اوپن يونيورس??ي جي ”سيرت اسٽيڊيز“ تي ريسرچ جرنل کي 2017ع جو بهترين تعليمي اشاعت قرار ڏيڻ ??ي خصوصي ايوارڊ ڏنو آهي. جرنل جي ايڊيٽر ڊاڪٽر معين الدين هاشمي صدر کان انعام وصول ڪيو. ان تقريب ۾ وائيس چانسلر، ??روفيسر ڊاڪٽر شاهد صديقي به موجود هو. مذهبي معاملن واري وزارت ”اسلامي رياست ۾ قومي قيادت جا رهنما اصول: سيرت جي روشني ۾“ جي عنوان تي صوبائي ۽ آل پاڪستان سطح تي آرٽيڪلز لکڻ جي مقابلن جو انعقاد ڪيو هو. صوبائي سطح تي منعقد مقابلن ۾ يونيورس??ي جي ڊاڪٽر احمد رضا بهترين آرٽيڪلز لکڻ تي پهريون انعام حاصل ڪيو جڏهن ته ڊاڪٽر عائشه صنوبر ۽ نازيه گوهر خصوصي انعام حاصل ڪيا.
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania