اوٽاوا-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آه?? ته ڀارت مل?? جي خودمختياري ۾ دخل اندازي ڪري هڪ خوفناڪ غلطي ڪئي آه??. پرڏي??ي ميڊيا ان حوالي سان ٻڌايو ته ڪينيڊا جي وزيراعظم پرڏيهي دخل اندازي جي معاملي تي گذريل ڏينهن انڪوائري ڪميشن آڏو گواهي ۾ چيو آه?? ته ڀارتي حڪومت اهو سوچي خوفناڪ غلطي ڪئي آه?? ته هن ڪنهن خومختيار مل?? جي معاملن ۾ ان حد تائين جارحاڻي دخل اندازي ڪري سگهي ٿو جيئن هنن ڪينيڊا جي تحفظ ۽ خودمختياري ۾ ڪئي. اسان کي ڪينيڊا جي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڪينيڊا ڀارت سان پنهنجي قيمتي ناتن کي تباهه ڪرڻ نه پئي چاهيو پر هرديپ سنگهه جي قتل کان پوءِ اسانکي واضح اشارا مليا آه?? ته ڀارت ڪينيڊا جي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪئي آه?? . هن چيو ته اسان ڀارت کي اڪسائڻ يا ان سان ويڙهه نٿا چاهيون پنهنجي گواهي ۾ جسٽن ٽروڊو وڌيڪ چيو ته انٽيليجنس معلومات ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آه?? ته ??خا??ف سياسي جماعت ڪنزر ويٽيو پارٽي به غير مل??ي دخل اندازي جي ڪوششن ۾ شامل هئي يا شموليت جو انتهائي خطرو موجود هيو . ان کان اڳ ڪينيڊا جي پوليس الزام هنيو هو ته ڀارتي سفارتڪارن ڪرمنل نيٽ ورڪ سان گڏجي سکن کي نشانو بڻايو پر ڀارت ان جي ترديد ڪئي آه??.
ڀارت ڪينيڊا جي خودمختياري ۾ جارحاڻي مداخلت ڪئي: وزيراعظم ٽروڊو جو انڪوائري ڪميشن ۾ بيان
مضمون کا ماخذ : bolão quina