لاهور – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر پر??يز رشيد چيو آهي ته ظالم دنيا ۾ اڪيلو هوندو آهي، اڪيلائپ کان بچڻ جي لاءِ ڀارت کي ڪشميرين تي ظلم بند ڪرڻا پوندا، ڀارت پاران ڪشميري عوام تي ظلم ڪيا پيا وڃن. الحمرا هال لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچستان جي هر ڪاليج، هر پلي گرائو??ڊ ۾ پاڪستاني گڏ ٿي ملڪ جو قومي ترانو ڳائين ٿا، بلوچستاني ٻين پاڪستانين وانگر سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني آهن، بلوچستان ۾ هڪ به آواز نه آهي جيڪو ڀارتي وزيراعظم نريندر مو??ي کي ٻڌڻ ۾ اچي ۽ سندس ڪن ۾ ڪا خوشي جي ڳالهه ٻ??ائ?? سگهي، اصل ۾ بلوچستان مان پاڪستان زندهه آباد جا نعرا کيس سٺا نه ٿا لڳن پر هو بلوچستان مان پاڪستان زندهه آباد جا نعرا ٻڌندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ