اسلام آب??د ?? 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت جو فيصلو نه آهي، سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڏيندي، جي آءِ ٽي رپورٽ هٿراد??، اڻ تصديق ٿيل آهي، جي آءِ ٽي سفارشون سپريم ڪورٽ تي لاڳو نه ٿيون ٿين، وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ شريف فيملي اعليٰ عدليه مان به سرخرو ٿيندي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه آهي ۽ نه ئي جي آءِ ٽي جون سفارشون سپريم ڪورٽ تي لاڳو ٿين ٿيون. هن چيو ته اهي دستاويز جيڪي تصديق ٿيل نه ??هن انهن جي توثيق ڪير ڪند??، ان جي ابتڙ شريف خاندان پاران پيش ڪيل سمورا ڪاغذ تصديق ٿيل آهن.
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II