اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان اردن جي هٿياربند فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل محمود اي فراحت ڪالهه ??ميس ڏينهن هتي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ اردن علائقائي ۽ عال??ي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا. ٻنهي ملڪن جا ترقي پسند موقف سان گڏ دنيا جي امن ۽ استحڪام سان گڏيل مفاد لاڳاپيل آه??. ه?? چيو ته پاڪستان اردن سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ليفٽيننٽ جنرل محمود اي فراحت جي پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪندي شاهه ??بدالله (ٻي) جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظه??ر ڪيو ۽ چيو ته سندس دانشمنداڻي قيادت ۾ اردن جي عوام مختلف شعبن ۾ شاندار ترقي ڪ??ي آهي. ان موقعي تي ليفٽيننٽ جنرل محمود اي فراحت والهاڻي استقبال تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ اردن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظه??ر ڪيو. ملاقات ۾ دفاع وارو وزير انجنيئر خرم دستگير خان، اردن جو سفير نواف خليفه ۽ سينئر سرڪاري عملدار به موجود هئا.
وزيراعظم سان اردن جي هٿياربند فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ليفٽيننٽ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر